25

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع، موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي: (ڇنڇر: 20 جولاءِ 2024ع) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته وري ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ گرمي جي ستايل شهرين جي چهرن تي مرڪ اچي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڪڪر مختلف علائقن ۾ وسي رهيا آهن، شهر ۾ گزري، ڪلفٽن، ڊفينس، لياري، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، گلشن حديد ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.

هوڏانهن سرجاني ٽائون، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي ۽ لانڍي سميت لاڳاپيل علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ٿي رهي آهي.

ياد رهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موسميات کاتي طرفان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں