103

سنڌ حڪومت 100 يونٽس استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت بجلي ۽ آف گرڊ صارفين کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 100 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت بجلي ۽ آف گرڊ صارفين کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ گرڊ کان ٻاهر رهندڙ صارفين(آف گرڊ) کي شمسي توانائي ذريعي بجلي ڏينداسين ۽ گرڊ اسٽيشن سان جڙيل(ان گرڊ) صارفين کي 50 کان 100 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي وڃي.

هن اهو اعلان وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ ڪيو جنهن ۾ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي اينڊ ڊِي توانائي وارو وزير ناصر شاهه، وڏي وزير جو ڪوآپريٽو سوسائٽي بابت صلاحڪار احسن مزاري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي مصدق خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير توانائي ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تقريبن 60 هزار گهر ماهوار 50 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪري رهيا آهن جن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا 441483، حيسڪو ۾ 229338 ۽ سيپڪو ۾ 125500 دائره اختيار ۾ شامل آهن.

اهڙي طرح ماهوار 100 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهرانن جو انگ 1.9 ملين آهي جنهن ۾ ڪراچي(ڪي اليڪٽرڪ9 ۾ 1054000، حيدرآباد ريجن (حيسڪو) ۾ 566427 ۽ سکر ريجن(سيپڪو) ۾ 356073 گهر شامل آهن.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2.6 ملين آف گرڊ گهر آهن جن مان پنج لک کي پهرين مرحلي ۾ سولر هوم سسٽم فراهم ڪري سگهجن ٿا. 100 واٽ جي سولر هوم سسٽم ۾ 3 ايل اي ڊي بلب، 35 واٽ جو ڊي سي پکو ۽ موبائل چارجنگ پورٽس سان گڏ 6 ڪلاڪ بيٽري بيڪ اپ لاءِ ڪافي آهي.

صوبائي وزير توانائي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هڪ سولر هوم سسٽم جي لاڳت تريبن 50000 روپيه آهي ۽ 2.6 ملين سولر هوم سسٽم جي ٽوٽل لاڳت تقريبن 25 ارب روپيه بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو ته ڇهه مائيڪرو گرڊز جن مان هر هڪ 75 ڪلو واٽ آهي سمورن ڇهه ڊويزنن ۾ هڪ پائلٽ پروجيڪٽ جي طور تي 100 گهرانن جي ڪلسٽر لاءِ قائم ڪري سگهجي ٿو. اهو گرڊ 100 ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ گهرانن کي بجلي فراهم ڪري سگهي ٿو.

توانائي واري وزير چيو ته تجويز منظور ٿيڻ تي ان جي فزيبلٽي تيار ڪري سگهجي ٿي. وڏي وزير تجويز پيش ڪئي ته ڪي اي، حيسڪو ۽ سيپڪو کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ 305 ميگاواٽ مان هر هڪ جا 3 سولر پارڪ  قائم ڪيا وڃن ته جيئن آن ۽ آف گرڊ گهرانن کي بجلي فراهم ڪري سگهجي.

مراد علي شاهه توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سولر پارڪس ۽ سولر هوم سسٽم جي لاءِ تجويزون تيار ڪري ته جيئن ٻنهي تجويزن مان هڪ هڪ کي بحث هيٺ آڻي سگهجي ۽ منظور ڪري سگهجي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي سولر هوم سسٽم صارفين کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪو فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں