67

برسات سبب سنڌ جي مختلف علائقن جيان ڪراچي ۾ به خطرو آهي: مراد علي شاهه

ٺٽو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات سبب سنڌ جي مختلف علائقن سميت ڪراچي ۾ به خطرو آهي.

سجاول ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ بنجندڙ سسٽم 2 ڏينهن  کان سنڌ ۾ وسي رهيو آهي جنهن سبب سڀني کان وڌيڪ برسات ٿرپارڪر ۾ پئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪالهه کان ٿرپارڪر، سجاول، ٺٽو، عمرڪوٽ، شهيد بينظيرآباد جي ضلعن ۾ وڌيڪ خطرا آهن، جڏهن ته درياءَ جي ٻئي طرف وارا ضلعا کير ٿر رينج، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو ۽ ڄامشورو ۾ به خطرو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر ۾ خطرو آهي، ان سلسلي ۾ گڏجاڻيون ڪندو رهيو آهيان، هر ضلعي ۾ پنهنجي ڪابينه جا ماڻهو فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جا وهڪرا تيز آهن، ڪراچي کان ڏسندو آيو آهيان هر جڳهه تي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ڪجهه شڪايتون مليون آهن جنهن کي جلد کان جلد حل ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں