55

اسلام آباد ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهري آفيسن ۽ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

اسلام آباد:اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

پاڪستان جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ سرگودها سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ محسوس ڪيا ويا، ان کان علاوه چڪوال ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جا لوڏا خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، پشاور، سوات، اتر وزيرستان، هنگو، مردان، مالاڪنڊ، بونير، شانگلا ۽ دير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا ان کان علاوه مانسهره، بٽ گرام، تورغر ۽ ڪوهستان ۾ به عوام زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا.

زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڪوهه هندوڪش افغانستان هو جنهن جي زمين اندر گهرائي 215 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلي کان پوءِ مختلف شهرن ۾ عوام آفيسن ۽ گهرن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪلمي جو ورد شروع ڪري ڏنو، زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں