16

پي ٽي آءِ باني کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جون نه اڊيالا جيل جي قيدين جون چونڊون وڙهڻ گهرجن: عظميٰ بخاري

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي نه اڊيالا جيل جي قيدين جون چونڊون وڙهڻ گهرجن.

عظميٰ بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪو شخص پوري پاڪستان کان وڌيڪ يورپ جي ماڻهن کي سڃاڻي هو انهي کي اڄ يورپ جي ميڊيا(ڊس گريس) جو لقب ڏئي رهي آهي. عمران جي ڪرپشن جون داستانون 4 سالن کان عالمي ميڊيا جون زينت بڻيل آهن. ٽرانسپريسي انٽرنيشنل لاڳيتو 2 ڀيرا عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن انڊڪس مٿي وڃڻ جي نشاندهي ڪئي.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته زال مڙس ٻنهي ڄڻن 45 مهينن تائين وزيراعظم ۽ خاتون اول جي عهدن کي او ايل ايڪس تي چاڙهي رکيو. هنن توشه خانه جون گهڙيون ۽ 90 ملين پائونڊ لڪايا، هاڻ وري آڪسفورڊ جي چانسلر جي چونڊن ۾ حصو وٺٺي رهيو آهي. 9 مئي جي ناڪام بغاوت جا سنگين ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. ڪرپٽ پريڪٽسز ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جهڙن ڪيسن ۾ سزا يافته شخص جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جون چونڊون وڙهڻ شرم جوڳو عمل آهي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ڇڏيندس نه، اين آر او نه ڏيندس، معافي ڏئي ڇڏيو جهڙا بيان اڳواڻ جا نه گدڙن جا هوندا آهن. هر هفتي نوان بيان ٺاهيندڙ اڳواڻ نه پر فراڊي هوندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں