50

ججز، بيورو ڪريٽس ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي تي ماهوار 4 ڪروڙ، 78 لک روپيه خرچ ڪيا ويا

اسلام آباد: ججز، بيورو ڪريٽس ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي تي ماهوار خرچن بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

گڏيل طور تي ججز بيورو ڪريٽس ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي تي ماهوار 4 ڪروڙ 78 لک روپيه ۽ ساليانو تقريبن 57 ڪروڙ 46 لک روپيه خرچ ايندو آهي.

گهرو وزارت موجب ججز سيڪيورٽي تي 34 گاڏيون، بيورو ڪريٽس سان گڏ 6 ۽ وزيرن لاءِ 4 گاڏيون مقرر آهن، ججز بيورو ڪريٽس ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي تي اپريل 2024 ۾ 4 ڪروڙ 78 لک  روپيه خرچ ڪيا ويا.

گهرو وزارت ٻڌايو ته 44 گاڏيون ۽ 532 پوليس آفيسر 24 ڪلاڪ وي وي آءِ پي جي سيڪيورٽي ۽ ڊيوٽي تي مقرر آهن، ججز جي سيڪيورٽي تي 34 گاڏيون، 409 آفيسر ۽ محافظ مقرر آهن.

گهرو وزارت موجب بيورو ڪريٽس جي سڪيورٽي تي 6 گاڏيون ۽ 79 اهلڪار مقرر آهن، انهي کان علاوه وزيرن کي 4 گاڏيون ۽ 44 پوليس گارڊز جي سيڪيورٽي سهوليت ڏني وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں