95

پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ پنجاب جي ترقي ۽ عوامي رليف لاءِ سياسي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو

لاهور: مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي پنجاب جي ترقي ۽ عوامي رليف جي لاءِ سياسي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ جي نمائندگي حسن مرتضيٰ، نديم افضل چن ۽ حيدر گيلاني ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي نمائندگي سينئر وزير مريم اورنگزيب ڪئي. پ پ اڳواڻن عوام جي ترقي لاءِ وزيراعليٰ مريم نواز طرفان کنيل قدمن جي تعريف ڪئي.

اڳواڻن چيو ته عوام کي سولر سسٽم جي فراهمي  ۾ تعاون جو عمل اڳيان وڌايو ويندو، موسمياتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ، امن امان ۽ آءِ ٽي کي به هٿي ڏيارڻ جي لاءِ به تعاون جاري رهندو.

انهي موقعي تي علي حيدر گيلاني چيو ته عوامي رليف جي فارمولي تي اتفاق ڪرڻ تي وزيراعليٰ ۽(ن) ليگ جا ٿورائتا آهيون، رنڊڪن کي ختم ڪري اڳيان وڌڻ سان ئي عوام کي اتحاد حڪومت جا ثمر ملندا.

انهي کان علاوه مريم اورنگزيب چيو ته اتحادي پارٽين سان گڏ هلڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته حسن مرتضيٰ چيو ته اختلاف راءِ اسان جو بنيادي حق آهي، عوامي مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪريون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں