47

آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل سمورين شرطن کي پورو ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جو بار گهٽ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي، آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وئي آهي، گذريل سال آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 27 سيڪڙو هئي،

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي محصولات جي مد ۾ بدعنواني جو خاتمو ڪرڻو آهي، اسمگلنگ سميت ٻين شين جو خاتمو ڪرڻو آهي، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ کي يقيني بنائڻ سان گردشي قرض به گهٽ ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته خرچ گهٽ ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪرڻو آهي، روزگار جا موثر موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي اوليت آهي، مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿيندو پيو وڃي، آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وئي آهي، گذريل سال آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 27 سيڪڙو تي پهتل هئي.

شهباز شريف چيو ته ترقي جو سفر ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، اسان پنهنجي حدفن تي ڌيان رکنداسين ته منزل تائين پهچنداسين، ڳالهين ۽ سمري کان وڌيڪ عمل ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ وسيلن سميت قابل ماڻهن جي گهٽتائي نه آهي، آءِ ايم ايف سان اسان جون جيڪي به شرطون آهن انهي کي پورو ڪري رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته نئون آءِ ايم ايف پروگرام به ملي ويندو پر اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو پروگرام آخري هجڻ گهرجي ۽ ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں