97

ڪراچي جي علائقي نيو راشدي ڳوٺ ۾ سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ لاءِ پوليس جي چڙهائي، جهڙپون

ڪراچي: (رمضان رن رپورٽ ) ڪراچي جي علائقي نيو راشدي ڳوٺ ۾ سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ جو جواز ڄاڻائي پوليس گهرن تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڊي سي ملير جي حڪم تي پوليس جي وڏي نفري نيو راشدي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن پاران پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪئي وئي.

ان دوران جهڙپن ۾ 10 ڳوٺاڻا ۽ 2 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن طرفان گهرن کي باهه ڏني وئي.

ٻئي پاسي اي سي ايئرپورٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته 22 ايڪڙ زمين سرڪاري آهي، جنهن تي قبضو ڪيو ويو هو، جيڪو پوليس جي مدد سان ختم ڪرايو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں