45

سنڌ حڪومت 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريدڻ جي تياري ۾ لڳي وئي

ڪراچي: (رمصان رند رپورٽ ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ لگزري گاڏيون خريدڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.

جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي 2 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت چار باءِ چار جون 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريدڻ چاهي ٿي، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ڏنيون وينديون.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت طرفان ذڪر ڪيل هڪ گاڏي جي قيمت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں