15

بجلي جي سبسڊي تي ڪو مسئلو ناهي: ناڻي واري وزارت جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد:ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون هاڻي رڳو پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ تي ٿي رهيون آهن ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن تي سبسڊي سان هاڻي ڪو مسئلو نه آهي.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستان جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون رڳو پرڏيهي فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ تي ٿي رهيون آهن ۽ دوست ملڪن کان قرض رول اوور بابت آءِ ايم ايف مطمئن آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن تي سبسڊي سان هاڻي ڪو مسئلو نه آهي.

هن چيو ته يو اي اي ۽ هڪ گلوبل بئنڪ سان ڪمرشل قرض تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ڪمرشل بئنڪن سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته تمام جلد هاڪاري نتيجو سامهون ايندو

ترجمان چيو ته پوري ڪوشش آهي ته ڪمرشل بئنڪن سان ڪمٽمينٽ جلد حاصل ڪريون، اِهو فيصلو پاڪستان کي ڪرڻو آهي ته ڪمرشل بئنڪن کان اِها رقم ڪهڙي وقت ورتي وڃي جڏهن ته اسان ڪمرشل بئنڪن کان گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ترجمان موجب، ايف بي آر طرفان ٽئڪس اوڳاڙي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ناهي، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر ٽئڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ وٽان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري جلد متوقع آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں