41

آءِ جي سنڌ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت حڪم جاري

ڪراچي: (اربع: 04 سيپٽمبر 2024ع) آءِ جي سنڌ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ پوليس ملازمن خلاف سخت ايڪشن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

غلام نبي ميمڻ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ڪراچي کي حڪم جاري ڪيا آهن.

آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي، اهڙيون وڊيوز ٺاهي پوليس جي بدنامي جو سبب بڻجندڙن جي کاتي ۾ ڪا گنجائش ناهي.

هن چيو ته پوليس هڪ يونيفارم ڊسيپلين فورس آهي، وردي جو احترام سڀني تي لازمي آهي، مرد توڙي عورت ملازمن کي ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو اپ لوڊ نه ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں