42

سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف آصفه ڀٽو آواز اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري واڌو بجلي جي دعويٰ باوجود 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاريو.

هن پڇاڻو ڪيو ته حڪومت جي دعويٰ آهي ته سرپلس بجلي موجود آهي، پوءِ لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟

ان تي اعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته بجلي نه هجڻ لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ ناهي، ريڪوري نه ٿيڻ سبب به لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں