91

وفاقي حڪومت پاران نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) حڪومت قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومت نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب نيب ترميمي آرڊيننس جي مدي 2 جون تي ختم ٿي رهي آهي ۽ جڏهن آرڊيننس جي مدي ختم ٿيندي ته موجوده چيئرمين نيب پنهنجي عهدي تي برقرار نه رهي سگهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس ۾ موجوده چيئرمين نيب کي ايندڙ چيئرمين جي مقرري تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي شق شامل ڪئي وئي آهي ۽ جسٽس (ر) جاويد اقبال هن وقت هڪ عارضي انتظام هيٺ نيب چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں