99

لاڙڪاڻي ۾ مختلف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن طرفان قوم پرست سياست کي الوداع ڪندي هٿن ۾ قومي پرچم کڻي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻي ۾ مختلف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن طرفان قوم پرست سياست کي الوداع ڪندي هٿن ۾ قومي پرچم کڻي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف شهرن شڪارپور، خان پور، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ جسقم اڳواڻن عبدالحي، محمد قاسم، مختيار احمد، هالار، جسمم اڳواڻن جمال الدين، معشوق، صابر علي، حاڪم علي سميت مختلف قوم پرست تنظيمن جي 50 کان وڌيڪ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن هٿن ۾ قومي پرچم کڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قومپرست جماعتن سنڌ جي حقن جو نعرو لڳائي سنڌ جي سادن ماڻهن خاص طور تي نوجوانن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن توڙي ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي تخريبي ڪاروائين لاءِ استعمال ڪندا آهن. هنن چيو ته جسمم، جسم، جسقم ۽ جساف جهڙيون تنظيمون سنڌ جي امن پسند ماڻهن کي ڳجهن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، انهن تنظيمن جا اڳواڻ ملڪ دشمن ايجنسين جي پئسن تي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ پرڏيهي ملڪن ۾ رهي هر طرح جون آسائشون حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته منفي پروپگينڊه ڪري نوجوانن کي پاڪستان جي فوج ۽ ملڪ جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، اڄ اسان کي مڪمل طور احساس ٿي چڪو آهي ته انهن تنظيمن ۾ رهي اسان کي شرمندگي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو، جنهن پاڪستان جي خلاف اسان ۽ اسان جا ساٿي نعرا لڳائي ريليون ڪڍندا هئاسين ان پاڪستان حقيقي ۾ اسان کي حق، عزت ۽ سڃاڻپ ڏني آهي. هنن چيو ته اسان سڀ نوجوانن کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجو سمورو ڌيان تعليم تي ڏئي پاڪستان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ ڪنهن به لسانيت توڙي قوميت جي سازش جو حصو نه بڻجن، اسان سڀ هڪ قوم ۽ پاڪستاني آهيون ۽ انهن تنظيمن کي پرڏيهي طاقتن جي اشاري تي هلايو پيو وڃي ۽ ان جو نشانو اسان نوجوان بڻجون ٿا جيڪي پنهنجي مستقبل کي انهن ڪوڙن ۽ ٺڳيندڙ اڳواڻن جي پويان هلي ڪري تباهه ڪندا آهن. هنن چيو ته اڄ اسين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي يقين ٿا ڏياريون ته اسان وطن سان مخلص رهنداسين، اسان ۽ اسان جي دوستن توڙي ساٿين جو اڄ کان ڪنهن به قومپرست پارٽي يا تنظيم سان ڪنهن به قسم جو ڪو به تعلق نه هوندو ۽ اسان جون سموريون طاقتون ۽ زندگيون پاڪستان جي لاءِ وقف هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں