42

اسلام آباد ۾ بنا اجازت جلسو ڪرڻ تي قيد جي سزا جو بل سينيٽ مان منظور

اسلام آباد: سينيٽ اسلام آباد ۾ پرامن جلسا جلوس منعقد ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو آهي، هاڻ اسلام آباد جي موضع سنگنجاڻي يا ڪنهن به اهڙي علائقي ۾ جلسو، جلوس ڪري سگهبو جتي حڪومت اجازت ڏيندي، حڪومتي اجازت کان سواءِ جلسا يا جلوس ڪرڻ يا انهي ۾ شامل ٿيندڙن کي 3 سال تائين سزا ملي سگهندي.

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ مخصوص جڳهه تي پرامن جلسا يا جلوس منعقد ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو.  پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته اسلام آباد ۾ اسان جو هڪ جلسو ٿي رهيو آهي انهي جلسي کي روڪڻ لاءِ اهو قانون بنايو پيو وڃي.

سينيٽر عرفان صديقي چيو ته انهي بل جو ڪنهن به جلسي سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان ڪنهن پرامن جلسي کي روڪي نه رهيا آهيون پر اسان ته سهولت ڏئي رهيا آهيون، ايوان ۾ بل تي شق وار راءِ شماري ٿي جنهن کان پوءِ بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ جڳهه مقرر ڪئي وڃي. ميڊيا به اتي هوندي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته جلسن ۽ جلوسن جي لاءِ ڪابه هائيڊ پارڪ جهڙي جڳهه ٺاهي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں