37

ملڪ ۾ سون جي نئين قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، سون جو في تولو اگهه ۾ وڌيڪ 2 هزار 900 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 65 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 486 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 27 هزار 966 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 51 ڊالر وڌي ٻه هزار 566 ڊالر في اونس آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں