34

حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس طلب ڪري ورتو، آئيني ترميم آڻڻ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي،  سياسي تجزيه ڪارن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته حڪومت طرفان ڪا اهم قانونسازي ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ موجب حڪومت اهم قانونسازي جي موڊ ۾ نظر اچي رهي آهي اهوئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي هلندڙ اجلاسن دوران ڪيترائي بل پيش پيا ڪيا وڃن، جن مان سڀني کان اهم اعليٰ عدليه ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل آهي.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ وفاقي ادارن ۾ ڇنڇر تي موڪل هوندي آهي پر هن ڀيري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ڇنڇر تي به طلب ڪيا ويا آهن.

سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي اجلاس گهرائڻ جو مقصد ڪجهه اهم قانون منظور ڪرائڻ آهي جڏهن ته قانون واري وزير چيو آهي ته حڪومت ڪابه آئيني ترميم نه آڻي رهي آهي.

ٻنهي ايوانن ۾ اهم قانونسازي کي نظر ۾ رکندي سينيٽ سيڪريٽريٽ مان اجلاس جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سينيٽ جون آفيسون اڄ ڏينهن جو 11 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اپوزيشن جي اهم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اهم قانونسازي جي عمل جي حوالي سان واضح طور تي چئي چڪو آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ايڪسٽينيشن جي خلاف آهي.

ٻئي طرف حڪومتي اتحاد وٽ اهم آئيني ترميم جي لاءِ گهربل اڪثريت به نه آهي، پر جيڪڏهن حڪومت ڪابه قانونسازي ڪرڻ چاهي ٿي ته ڏسڻو پوندو ته هو پنهنجي اڪثريت ڪيئن پوري ڪري ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں