41

چارسده ۾ تيز برسات دوران ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

چارسده: خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۽ چارسده ضلعي سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات کان پوءِ ايندڙ طوفان ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏائي ڇڏيون آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب چارسده جي علائقي ترنگزئي خٽ ڪورونه ۾ تيز طوفان سبب ڪمري ۾ ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته چارسده ۾ ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ مڙس، زال ۽ انهن جا 3 ٻار شامل آهن. ريسڪيو ذريعن موجب متاثره ماڻهن کي چارسده جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي متاثرين زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں