46

سمورن وفاقي سرڪاري ادارن کي صرف اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ نومبر تائين گڏيل فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ  گاڏين جي استعمال بابت اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ حڪومت اوليت جي بنياد تي قدم کڻي رهي آهي بجلي سان هلندڙ گاڏين مان پيٽرول ۽ ڊيزل جي درآمد جي مد ۾ ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ بجلي سان هلندڙ گاڏيون ماحول دوست به ثابت ٿينديون.

شهباز شريف اليڪٽرڪ گاڏين بابت گڏيل فنانشنل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ  بينڪ سان مشاورت جو چيو آهي ۽ نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي نومبر ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي تياري بابت لائسنسز جي ضابطه ڪار کي بهتر بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اي وهيڪلز جي پاليسي بابت سمورن صوبن ۽ وفاقي ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي وڃي.

هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ورهايون وينديون ۽  آئنده سمورا وفاقي ۽ سرڪاري ادرا صرف اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون خريد ڪندا، ان حوالي سان وزيراعظم سمورن وفاقي وزيرن کي هدايتون جاري ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪري  ڇڏيا آهن.

انهي کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ بابت پلان ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں