47

ملڪ ۾ عام واهپي جي 15 شين جون قيمتون وڌي ويون، مهانگائي جي شرح 14.36 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد: شماريات کاتي هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، شماريات کاتي طرفان هفتيوار جاري ڪيل رپورٽ موجب مهانگائي ۾ 0.01 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ مهانگائي جي گڏيل شرح 14.36 سيڪڙو ٿي وئي.

شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 15 شين جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 7 روپيه 40 پئسن جو اضافو ٿيو. زنده ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت 16 روپيه 7 پئسن جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.

جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ بجلي في يونٽ 26 پئسا مهانگو ٿيو جڏهن ته چڻن جي دال 9 روپيه 26 پئسا، ٿوم 12 روپيه في ڪلو، گوشت في ڪلو 11 روپيه ۽ ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 14 روپين جو اضافو ٿيو.

شماريات کاتي جي رپورٽ موجب تازو کير، دهي، گيهه، ٽوٽا باسمتي چانور مهانگي ٿيل شين ۾ شامل آهن. جڏهن ته ڪيلا في درجن 8 روپيه، ماش جي دال به 8 روپيه ۽ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 17 روپين تائين سستو ٿيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں