54

صدر آصف زرداري کي به ٻارن سان ملڻ جي اجازت نه هئي، بختاور جو پي ٽي آءِ باني جي بيان تي رد عمل

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ باني جي بيان تي رد عمل ۾ بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجو والد صدر آصف علي زرداري جڏهن جيل ۾ هو ته انهي کي نه ئي ايئرڪنڊيشن جي سهوليت ميسر هئي نه ئي انسولين رکڻ جي لاءِ فرج دستياب هو.

بختاور ڀٽو چيو ته آصف زرداري مٿان هيرن جون منڊيون گهرڻ جو ڏوهه به ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت واري دور ۾ آصف زرداري کي عيد تي پنهنجن ٻارن سان ملڻ جي به اجازت نه هئي، جڏهن ته عدالت طرفان اجازت ڏني وئي هئي پر پي ٽي آءِ باني جو حال اهو آهي ته هفتي ۾ 3 ملاقاتن جي اجازت ملڻ باوجود هو روڄ پٽڪو ڪري رهيو آهي.

انهي کان اڳ پي ٽي آءِ باني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته نوازشريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي جيل ۾ ايئرڪنڊيشن ۽ بهترين واش روم جي سهوليت حاصل  هئي. پي ٽي آءِ باني چيو هو ته مون کي صرف هفتي ۾ 3 ملاقاتن جي اجازت مليل آهي جڏهن ته نوازشريف 40-40 ملاقاتين سان  ملاقات ڪندو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں