42

ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي  سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل آڪاخيل گرائونڊ ڀرسان فائرنگ سبب پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور مارجي ويو آهي.

ريسڪيو اختيارين موجب فائرنگ سبب مارجي ويل هڪ شخص جي سڃاڻپ 45 ورهين جي شاهنواز جي نالي سان ڪئي وئي لاش قانوني ڪارروائي جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪئي وئي.

پوليس موجب مقتول شاهنواز پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور ۽ جنجال ڳوٺ جو رهواسي  آهي، مقتول صبح 4 وڳي گهر کان نڪتو ۽ صبح 6 لڳي 50 منٽن تي سندس لاش روڊ ڪناري تان مليو.

پوليس موجب شڪ آهي ته مقتول کي نامعلوم هٿياربندن ڪنهن ٻئي هنڌ تي قتل ڪيو ۽ لاش سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل آڪاخيل گرائونڊ ڀرسان اڇلي فرار ٿي ويا. پوليس موجب ظاهري طور تي مقتول جي جسم تي 2 گوليون هڻي کيس قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي، پوليس واقعي جي ميرٽ تي جاچ ڪري ۽ جوابدارن ڪيفر ڪردار تائين پهچائي، ڪنهن به انساني جان جو نقصان مذمت جوڳو آهي. مقتول شاهنواز جي وارثن ۽ پوليس سان رابطي ۾ آهيان معاملي جون حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن. حليم عادل شيخ چيو ته  مرحوم شاهنواز مون وٽ 20 سالن کان ڊرائيور هو. مقتول جي موٽر سائيڪل غائب آهي پر ٻيون قيمتي شيون موجود آهن. هن چيو ته مقتول ڊرائيور ڪنهن به خطري يا ڌمڪي جو ذڪر نه ڪيو هو.

مقتول جي ڀاءُ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شاهنواز تي گذريل ڏينهن هٿياربندن حملو ڪيو هو جوابدارن جي فائرنگ تي  شاهنواز به هوائي فائرنگ ڪئي هئي جنهن سبب جوابدار فرار ٿي ويا هئا. شاهنواز گذريل ڏينهن موڪل هجڻ سبب گهر تي هو ۽ هو پنهنجي پلاٽن جو معائنو ڪرڻ ويو هو.

مقتول جي ڀاءُ وڌيڪ ٻڌايو ته شاهنواز اڄ صبح 4 وڳي ڊيوٽي جي لاءِ گهران نڪتو هو، شاهنواز کي ڦر دوران يا دشمني سبب قتل ڪيو ويو هجي اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. انهي جي موٽر سائيڪل ۽ لائسنس وارو هٿيار به غائب آهي. 

مقتول جي پٽ چيو ته والد جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، پر گذريل ڏينهن والد کي ڦورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اسان 6 ڀيڻ ڀائر آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں