39

جي يو آءِ انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کان 2 مهينن جو وقت گهري ورتو

اسلام آباد:  جي يو آءِ طرفان انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن 2 مهينن جو وقت گهري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي. جنهن ۾ جي يو آءِ جو جونيئر وڪيل پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام جون انٽرا پارٽي چونڊون مرحليوار ٿي رهيون آهن.

وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سڀني کان وڌيڪ ضلعي يونٽس جي چونڊ ۾ وقت گهريو آهي. اسان دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جنهن چونڊ جو شيڊول ڏنو آهي، جولاءِ کان انٽرا پارٽي چونڊن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.

جي يو آءِ جي وڪيل استدعا ڪئي ته اسان کي انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏيو جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته 60 ڏينهن ته وڌيڪ آهن، وڪيل چيو ته آئيني اصلاحات جو معاملو هلي رهيو آهي، مصروفيت هئي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته آئيني اصلاحات جو انٽرا پارٽي چونڊن سان ڪوبه تعلق نه آهي انهي کان پوءِ اوهان کي مهلت نه ملندي. اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي جي تاريخ بعد ۾ طئي ڪرڻ جو چوندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں