35

ننڪانه انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي سان مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا

ننڪانه صاحب: ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس  سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي وئي. ان دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي ٽيم تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا. جڏهن ته 2 دهشتگرد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 3 دستي بم، 3 ڊيٽونيٽر، 2 رائفل، گوليون ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں