26

آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي: حافظ نعيم الرحمان

لاهور:   جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي.

منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري جو طريقو پهريان کان طئي ٿيل آهي، انهي کي برقرار رهڻ گهرجي. آئيني ترميم جي مسودي ۾ ڪيترائي رخ اهڙا آهن جن تي مشاورت جي ضرورت آهي.

هن چيو ته جهڙي طريقي سان اها آئيني ترميم آندي پئي وئي اهو طريقو اهڙو آهي جنهن ۾ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ٺاهي پيو وڃي. پارليامينٽ ميمبرن کي يرغمال بنائڻ، ڊيڄاري، ڌمڪائي آئيني ترميم جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ منڊي بنايو ويو آهي.

حافظ نعيم چيو ته حڪومت طرز عمل اهڙو آهي ته هو پنهنجي مرضي جا جج ۽ عدالتون چاهين ٿا. جنهن طريقي سان اها ترميم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اها مذمت جوڳو آهي، اهو طريقو غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي نيشنلائزيشن پاليسي جي شروعات ڪئي هئي جيڪو معاشي طور تي خراب تجربو هو، پوءِ بينظير جي حڪومت آئي ته نجڪاري ڪميشن ٺاهيو ويو پهريان هي ادارن کي تباهه ڪندا آهن، ڪرپٽ چوندا آهن پوءِ ادارن جي نجڪاري ڪندا آهن.

هن چيو ته نجي سيڪٽر جيڪا ڦر مار ڪري رهيا آهن انهي جو ذميوار ڪير آهي، سڄي دنيا ۾ ائين ڪٿي ٿيندو آهي ته زبردستي جو قانون پاس ڪري ڇڏيو، جيترا آئي پي پيز نجي سيڪٽر آهن ته پوءِ آءِ پي پيز جي ڦر مار به ٻڌايو، نجڪاري عوام کي بيوقوف بنائڻ جي لاءِ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي اثاثن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. جيڪو ادارو نجڪاري ۾ هوندو آهي هي مفاد پرست انهي کي وٺڻ جي لاءِ شامل هوندا آهن.

حافظ نعيم چيو ته 2 ڪروڙ ٻارن کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سرڪار اسڪولن جي نجڪاري ڪري رهي آهي، هي چاهين ڇا ٿا؟ هي ڪوبه ڪم نٿا ڪرڻ چاهين، پهريان به ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار پڙهندا هئا، نجڪاري جو عمل هڪ ڌنڌو بڻجي ويو آهي جنهن کي جماعت اسلامي ٿيڻ نه ڏيندي.

هن چيو ته اوهان ٿيندا ڪير آهيو پاڪستاني ادارن کي وڪرو ڪرڻ وارا؟ اسان قوم جي سامهون حقيقتون کڻي اينداسين، آءِ پي پيز جي معاملي تي سمورن قانوني رخن کي ڏسنداسين، اسان ڪنهن به معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ کان سواءِ نه ڇڏينداسين، پاڪستان جي معيشت جا فيصلا حڪومت ناهي ڪندي پر آءِ ايم ايف ڪندي آهي، پهريان ادارن کي تباهه ڪندا آهن پوءِ چوندا آهن ته پرائيويٽ ڪري ڇڏيو، دنيا ۾ نجڪاري جو بدترين مثال ڪي اليڪٽرڪ آهي. لازمي سروس ايڪٽ به آندو پيو وڃي، ڪوبه احتجاج نه ڪري انڌي نجڪاري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں