75

رياست گم ٿيل شهرين جي معاملي کان لاتعلق نظر اچي رهي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آھن تھ جڏهن کان گُم ٿيل شهرين جو معاملو اُٿاريو، رياست لڳاتار لاتعلق نظر اچي رهي آهي، رياست جي لاتعلقي کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مُدثر نارو سوڌو لاپتا شهرين جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، هڪ وزارت ٻي وزارت تي معاملو وجهي ٿي،رڳو رپورٽس گهرائڻ سان فائدو نه ٿيندو، جِن جو پتو پيو آهي، اُهي ته مسنگ پرسنز نه ٿيا، سندن گرفتاري ڄاڻائي ڪارروائي ڪئي وئي آهي عدالت کي ٻيون به شيون ڏسڻيون آهن، چاهيون ٿا ته هي مامرو سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي، لاپتا شهري ڪميشن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئ وئي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں