28

فلسطيني رياست جي قيام تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين: سعودي ولي عهد

رياض: سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان واضح ڪيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام تائين اسان اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين.

عرب ميڊيا موجب اربع تي رياض ۾ سعودي مجلس شوريٰ جي سالياني اجلاس ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان خاص طور شرڪت ڪئي.

سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي شهزادي محمد بن سلمان چيو ته فلسطيني قوم خلاف اسرائيل جي سنگين حملن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، فلسطين مسئلو سعودي عرب جي ترجيحن ۾ سڀ کان مٿي آهي.

هن چيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب فلسطيني رياست جي قيام جي ڪوششن لاءِ رستا کولي رهيو آهي.

شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام تائين اسان اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں