24

لبنان ۾ پيجر ڌماڪن جي ٻئي ڏينهن واڪي ٽاڪي ڌماڪا، 3 ڄڻا مارجي ويا، سئو وڌيڪ زخمي

بيروت: لبنان جي تخت گاهه بيروت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب اڄ ٿيندڙ ڌماڪا حزب الله جي استعمال هيٺ واڪي ٽاڪي سيٽس ۾ ٿيا.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪا گذريل ڏينهن پيجر ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي جنازن دوران ٿيا.

رپورٽن موجب ڪيترن ئي گهرن ۾ به ڌماڪن جا اطلاع وصول ٿيا آهن ۽ ڌماڪن جي نتيجن ۾ گهرن ۽ گاڏين ۾ باهه لڳي وئي آهي.

لبنان جي سرڪاري ميڊيا ڌماڪن ۾ 3 ڄڻا مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب 100 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں