28

علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور پختونخواهه نه پر افغانستان جي ڪنهن صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان شروع ۾ ئي مثبت ڳالهه ڪئي پر هن انهي جو فائدو کنيو، مان آئيني عهدي تي ويٺل آهيان، آئين جي خلاف ڪم ٿيڻ نه ڏيندس پر جيڪڏهن صوبي جي امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪوبه ڪم ڪندو ته مان انهي جو ساٿ ضرور ڏيندس.

گورنر وڌيڪ چيو ته حڪومتون ٻين حڪومتن سان ڳالهيون ڪنديون آهن. وڏو وزير چئي رهيو آهي ته هو ٻئي ملڪ سان ڳالهيون ڪندو. علي امين ڪي پي ڪي جو وڏو وزير نه پر افغانستان جي ڪنهن صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو.

فيصل ڪريم چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ملڪ دشمني جو ايجنڊا کڻي ڦرندا آهن اهڙي قسم جي ماڻهن کي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں