95

ڪي پي ڪي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بند ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ) صوبائي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪابينا پروگرام بند ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ڪي پي جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص معاون موجب ڪابينا اجلاس ۾ انصاف فوڊ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اهو ڪارڊ پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندو. هن چيو ته انصاف فوڊ  ڪارڊ ذريعي غريب گهراڻن کي اٽو ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون ملنديون، اهڙي ريت مجموعي طور 10 لک گهراڻن کي رليف ملندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں