33

ڇا نيراني چانهه پيئڻ نقصانڪار آهي؟

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو چانهه يا ڪافي پيئڻ پسند ڪندا آهن.

چانهه ۽ ڪافي ٻنهي کي صحت لاءِ فائديمند مڃيو ويندو آهي ۽ طبي سائنس به ڪجهه طبي فائدن جي تصديق ڪئي آهي.

مثال جي طور تي چانهه پيئڻ سان ٿولهه، شگر ۽ دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽجي سگھي ٿو.

پر نيراني خالي پيٽ چانهه يا ڪافي پيئڻ جي عادت صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي.

حقيقت ۾ ڪيفين وارا سمورا شربت نيراني خالي پيٽ استعمال ڪرڻ سان صحت تي ناڪاري اثر پئجي سگھن ٿا.

ان جا ڪجهه نقصان هيٺ بيان ڪجن ٿا.

الٽي اچڻ جو احساس

چانهه ۾ موجود مخصوص مرڪب الٽي اچڻ جو احساس ڏياري سگھن ٿا، خاص طور تي جيڪڏهن اوهان نيراني خالي پيٽ ان گرم شربت جو استعمال ڪريو.

پيٽ ڦوڪجڻ يا گيس

جيڪڏهن نيراني خالي پيٽ کير مان ٺهيل چانهه يا ڪافي جو استعمال ڪندا آهيو ته ان سان پيٽ ڦوڪجڻ جو امڪان وڌندو آهي.

کير ۾ موجود ليڪٽوز نالي قدرتي کنڊ خالي پيٽ وڌيڪ اثرانداز ٿيندي آهي، جنهن سان پيٽ ڦوڪجڻ، گيس ۽ قبض جهڙن مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

سيني ۾ ساڙو

ڪجهه ماڻهن کي نيراني خالي پيٽ چانهه يا ڪافي پيئڻ سان سيني ۾ جلن ٿيندي آهي.

چانهه يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين سان سيني ۾ جلن جي شڪايت ٿي سگھي ٿي.

تحقيقي رپورٽن موجب ڪيفين سان خوراڪ جي نالي کي معدي سان سلهاڙيندڙ حصو پرسڪون ٿيندو آهي جنهن سان معدي ۾ موجود تيزابي پاڻياٺ مٿي اچڻ لڳندي آهي.

ڪيفين سان معدي ۾ تيزابي پاڻياٺ بڻجڻ جو عمل به تيز ٿي سگھي ٿو.

مٿي ۾ سور

گھڻا ماڻهو مٿي جو سور گھٽائڻ لاءِ نيراني خالي پيٽ چانهه يا ڪافي جو استعمال ڪندا آهن.

پر چانهه يا ڪافي ۾ موجود ڪيفين سان مٿي جي سور کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.

پاڻي جي کوٽ

هونئن ته چانهه يا ڪافي ۾ پاڻي موجود هوندو آهي پر انهن کي پيئڻ سان پيشاب گھڻو ايندو آهي.

پيشاب جي رستي پاڻي جسم مان خارج ٿيندو آهي ۽ جسم ڊي هائڊريشن جو شڪار ٿيندو آهي.

اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته سڄي رات سمهڻ کان پوءِ صبح جو اسان جو جسم ڪجهه حد تائين ڊي هائڊريشن جو شڪار هوندو آهي تنهنڪري چانهه يا ڪافي پيئڻ سان ان جي شدت وڌي ويندي آهي.

ڏند متاثر ٿي سگھن ٿا

جڏهن اوهان نيراني خالي پيٽ چانهه يا ڪافي جو استعمال ڪندا آهيو ته وات ۾ موجود بيڪٽيريا انهن شربتن ۾ موجود کنڊ کي جذب ڪندا آهن.

ائين ٿيڻ سان وات ۾ تيزابيت وڌندي آهي جنهن سان ڏندن جو رنگ متاثر ٿيندو آهي.

نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں