27

حڪومت آئيني ترميم جي بجاءِ بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ عوام پاڪستان جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت آئيني ترميم جي بجاءِ بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي.

نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل  حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته حڪومت آئيني ترميم جي بجاءِ بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن مهانگائي ۾ پيسيل عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته حڪومت آئيني ترميم جي بجاءِ بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن مهانگائي ۾ پيسيل  پاڪستان جي عوام کي رليف ملي سگهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته آئيني عدالت جي لاءِ ترميم تي حڪومت جي نيت ڪجهه ٻئي آهي، هي صرف هڪڙي ماڻهو جي لاءِ اها ترميم آڻي رهيا آهن ۽ هڪڙي ماڻهو جي لاءِ آندل ترميم سان عدالتي نظام ۾ رنڊڪون  پيدا ٿينديون ۽ حڪومت انهي ترميم کان پوءِ ججز کي پنهنجي مرضي سان ٽرانسفر ڪري سگهندي.

هن وڌيڪ چيو ته اين ايف سي فارمولي کي به نئين سري سان ڏسڻ جي ضرورت آهي انهي ۾ خرچ خاص طور تي وياج ۽ دفاع جي خرچن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں