30

صدر آصف زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. صدر جي صحيح کان پوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي.

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي ذيلي شق هڪ موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪميٽي ڪيس مقرر ڪندي. ڪميٽي چيف جسٽس، سينئر ترين جج ۽ چيف جسٽس جي مقرر ڪيل ججز تي ٻڌل هوندي.

آرڊيننس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 3 ۾ ترميم به شامل آهي جنهن موجب ٻڌڻي کان اڳ مفاد عامه جا سبب ڏيڻا پوندا.

انهي کان علاوه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ سيڪشن 7 اي ۽ 7 بي کي به شامل ڪيو ويو آهي. منظور ڪيل آرڊيننس جي سيڪشن 7 اي جي تحت اهڙا ڪيس جيڪي اڳ داخل هوندا انهن کي پهريان ٻڌو ويندو. جيڪڏهن ڪو به عدالتي بينچ پنهنجي ٽرن جي ابتڙ ڪو به ڪيس ٻڌندو ته انهي کي سبب ڏيڻا پوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں