28

پي ٽي آءِ جلسو: لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر اجازت لاءِ انٽيليجنس کان رپورٽ گهري ورتي

لاهور: پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جي معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر لاهور سيد موسيٰ رضا ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر لاهور پوليس کان به پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان راءِ گهري آهي. ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ۽ پوليس طرفان رپورٽ کان پوءِ جلسي جي اجازت ڏيڻ تي فيصلو ڪيو ويندو.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر کي تحريڪ انصاف جي جلسي جي اجازت لاءِ درخواست تي اڄ شام 5 وڳي تائين فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هاءِ ڪورٽ جلسو روڪرائڻ جي ڌار درخواست به نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي هئي. 3 رڪني فل بينچ جلسو روڪرائڻ جي درخواست رد ڪئي. جلسو روڪرائڻ جي درخواست ايڊووڪيٽ نديم سرور داخل ڪئي هئي،  جنهن ۾ جسٽس فاروق حيدر ريمارڪس ڏنا ته اوهان متاثر ڌر نه آهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں