19

اسپيڪر جو خط: نئين پارٽي پوزيشن ۾ قومي اسيمبلي مان تحريڪ انصاف جو وجود ختم

اسلام آباد: اسپيڪر جي اليڪشن ڪميشن کي خط کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪري جنهن ۾ تحريڪ انصاف جو وجود ختم ڪيو ويو.

تفصيل موجب سمورن 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪونسل جو ميمبر ظاهر ڪيو ويو. انهي کان اڳ 39 ميمبرن کي تحريڪ انصاف ۽ 41 کي آزاد ڊڪليئر ڪيو ويو هو.

(ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کان واپس ورتل سيٽن جو به پارٽي پوزيشن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اسپيڪر جي خط کان بعد نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪئي وئي آهي. جنهن موجب قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ(ن) جون 110 ۽ پيپلز پارٽي جون 69 سيٽون آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا 22، ق ليگ جا 5 ۽ آءِ پي پي جا 4 ميمبر شامل آهن. مسلم ليگ ضيا، بي اي پي ۽ نيشنل پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر شامل آهي.

سني اتحاد ڪونسل 80، جي يو آءِ(ف) 8 ۽ آزاد ميمبرن جو انگ به 8 آهي، پي ڪي ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ هڪ سيٽ آهي. هڪ آزاد قومي اسيمبلي ميمبر به مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت اختيار ڪري رکي آهي.

اليڪشن ايڪٽ تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ 23 مخصوص سيٽون،(ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کي ملنديون. مسلم ليگ(ن) کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 مخصوص سيٽون ملنديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں