22

نئون ديرو: شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي 28هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، جونيئر ذوالفقار ۽ فاطمه ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتا

نئون ديرو: قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ارڏي پڳدار پٽ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي 28هين ورسي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران صدارتي هائوس نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ڌار ڌار ملهائي پئي وڃي.

پ پ شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ورسي جي موقعي قرآن خواني ڪرائي اجتماعي دعا گهري ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو طرفان سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي ميمبر غلام حيدر ناريجو پارٽي اڳواڻن سليم چنه، وريام چنه، غلام نبي ڪولاچي، شاهيد ميان ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.

شهيد ميرمرتضيٰ جي 28هين ورسي جي موقعي تي سندس پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، نياڻي فاطمه ڀٽو پنهنجي ور ۽ پٽ سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتا. فاطمه ڀٽو ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ تي موجود سوين ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ جذباتي انداز ۾ زوردار نعريبازي ڪئي.  

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، فاطمه ڀٽو ور ۽ پٽ سان گڏ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو، قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، فاطمه ڀٽو واپس المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو روانا ٿي ويا.

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران صدارتي هائوس نئون ديرو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي. قرآن خواني ۾ پ پ اڳواڻن خير محمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو، اسدالله ڀٽو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. قرآن خواني بعد اجتماعي دعا گهري شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي سياسي جدوجهد تي کيس سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، آخر ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں