16

مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي 27ھين ڪانووڪيشن جو ڇھون سيشن وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

ڄامشورو : مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي 27ھين ڪانووڪيشن جو ڇھون سيشن مھراڻ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ڪانووڪيشن ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس ان آرٽس اينڊ ڊزائن(موجوده شهيد الھ بخش سومرو يونورسٽي آف آرٽس اينڊ ڊزائن) جي آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن ڊزائن، فائن آرٽس، ٽيڪسٽائل ڊزائن ۽ لاگاپيل ڪاليج ۽ انسٽيٽيوشن جي بيچلر آف سائنس، انفارميشن ٽيڪنالوجي، سول ٽيڪنالاجي، مڪينيڪل ٽيڪنالوجي ۽ اليڪٽريڪل ٽيڪنالوجي جي 220 شاگردن ۽ شاگردياڻين ڊگري حاصل ڪئي.

سينٽر ٽاپ

گولڊ ميڊلسٽ 2 جن ۾ ٽيڪسٽائل شعبي بيچ 18 جي مس عفانہ، بيچ 19 ٽيڪسٽائل جي اريبہ فاطمه آرائين ۽  بيسٽ گريجوئيٽ جو گولڊ ميڊل فائن آرٽس شعبي جي اريبہ مغل حاصل ڪيو، ٽنھي شاگردياڻين پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪري ھڪ ھڪ سلور ميڊل پڻ حاصل ڪيو.  بيچ 17, 18 ۽ 19 جي 12 شاگردن ۽ شاگردياڻين پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ھڪ ھڪ سلور ميڊل حاصل ڪيو. شاگردياڻين انعام ٻھارڻ ۾ شاگردن کي مات ڏئي ڇڏي.  19 بيچ جي ڪميونيڪيشن ڊزائن شعبي جي اريدا ناصر  صديقي وفات ڪري وئي آھي سندس والد ۽ امڙ اچي ڊگري حاصل ڪئي.

ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته اڄ ڊگري وٺندڙ شاگردن ۽ والدين جي جشن جو ڏھاڙو آھي، استادن جي لاءِ بہ خوشي جو ڏھاڙو آھي جو انھن جي محنت جي نتيجي سان شاگردن ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ھن چيو ته سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي سنڌ جي تعاون سان مھراڻ يونيورسٽي کي ترقياتي اسڪيمون مليون آھن، جن ۾ بوائز ۽ گرلس ھاسٽل بي شامل آھي. شمسي توانائي جو منصوبو ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ بہ شامل آھي. ھن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي اعلي تعليمي ادارن جي ترقي تي خاص توجه آھي. ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ترقي ڪري رھي آھي. رينڪنگ ۾ بھتري اچي رھي آھي. يونيورسٽي جي معيار بھتر ٿيڻ سان صدارتي ايوارڊ بہ حاصل ڪيو آھي.

وائيس چانسلر چيو ته مھراڻ يونيورسٽي نيشنل فري لانس پروگرام ۽ پيپلز انيشٽو پروگرام تحت سنڌ جي نوجوانن کي سکيا ڏيندي ۽ ان سان صوبي ۾ بيروزگاريءَ گھٽ ٿيندي. وائيس چانسلر چيو ته اسان سماج کي صرف انجنيئر نه ڏئي رھيا آھيون پر مثبت سوچ وارا بالغ ذھن فرد پيدا ڪري ڏئي رھيا آھيون. وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحہ حسين علي چيو ته ملڪ م ڪا ٻوڏ آئي ھجي، ڪو زلزلو آيو ھجي، ڪا ٻي آفت آئي ھجي مھراڻ يونيورسٽي پنھنجي ماڻھن ۽ قوم سان مدد لا سھڪار لاءِ گڏ بيٺل رھي آھي. ڪانووڪيشن تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽھڙ، ڪنٽرولر ايگزامينيش سيد رضا علي شاھ، فئڪلٽيز جي ڊينز. تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں