27

عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

پشاور: خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط جي ذريعي عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن. 2 صفحن تي ٻڌل خط ۾ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏيو.

خط موجب سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کان پوءِ مخصوص سيٽن جي معاملي تي غير ضروري دير ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ آئين جي روشني ۾ مخصوص سيٽن جو فيصلو جاري ڪيو. عدالتي  فيصلي تي عمل ڪندي جنهن پارٽي جو حق بڻجي ٿو انهي کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں