27

وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس منظور ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس کي منظور ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينه مسودي جي منظوري واري سمري سرڪوليشن جي ذريعي ڏني، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس 2024 تي صدر کان جلد منظوري ملڻ جو امڪان آهي.

ترميمي آرڊيننس 2024 جي لاڳو ٿيڻ سان عدليه ۾ جيڪا به ڪارروائي ٿيندي انهي جو مسودو تيار ٿيندو جڏهن ته عدليه جي ڪارروائي عوام جي لاءِ به  ساڳئي هوندي.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس 2024 جو مقصد عدالتي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ آهي ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 جي تحت هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي.

ڪيسن جي ميرٽ تي ٻڌڻي ۽ اڪلائڻ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اندر بهتري آندي پئي وڃي. نئين ترميمي آرڊيننس جي تحت ڪميٽي جي ڪنهن به ميمبر جي موجود نه هجڻ تي چيف جسٽس ڪنهن سينئر جج کي ڪميٽي جو رڪن نامزد ڪري سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں