23

نااهلي ۽ بدنظمي تي سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر سميت 3 آفيسر معطل

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نااهلي ۽ بدنظمي تي اليڪشن ڪميشن جي 3 آفيسرن کي 120 ڏينهن جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله، ڊائريڪٽر ايڊمن اليڪشن ڪميشن سنڌ اظهر حسين ٽنواري کي نااهلي ۽ بدنظمي تي معطل ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن آفيسر ڪراچي خدا بخش کي به معطل ڪيو ويو آهي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽنهي آفيسرن جي خلاف انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ ايندڙ حڪمن تائين اهي آفيسر ڪراچي ۾ رهندا. جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال کي وقتي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 17 سيپٽمبر جي رات پپري ڪراچي ۾ اسٽرانگ روم جي تالن کي زبردستي ٽوڙي مختلف پولنگ اسٽيشنن جي بيگز کي نقصان پهچايو ويو جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ نذر عباس، ڊائريڪٽر وسيم احمد ۽ آر اي سي لاڙڪاڻو عبدالوحيد شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ڪميٽي 3 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ ڏيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں