25

وزيرستان ۾ فورسز جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد مارجي ويا، 6 جوان شهيد

راولپنڊي : اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردي وچ ۾ چڪرين دوران 12 خوراجي دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن سان مقابلي دوران سيڪيورٽي فورسز جا 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جا ٻه واقعا ٿيا، 19 سپٽيبر تي پاڪ-افغان سرحد وٽ 7 دهشتگردن جي چر پر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان واري علائقي سپن وام واري علائقي ۾ ڄاڻايل دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري کين دوزخ ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ پيش آيو جتي خوارجي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ پنج خوارجي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڇهه بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي، علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان کي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں