25

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبلي جي رٿ تي وفاق عمل ڪري:مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسمبليءَ رٿ منظور ڪري اسان پنھنجو واضح موقف پڌرو ڪيو آھي، وفاق سنڌ جي عوامي موقف تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت تي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪندي رھندي. ھن اھا ڳالھ خميس  ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ چونڊيل نمائندن سان الڳ الڳ ڪيل گڏجاڻين دوران چئي ، جنھن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر ۽ قومي اسمبلي ميمبر خورشيد احمد جوڻيجو، شڪارپور جي صوبائي اسمبلي ميمبر محمد عارف مھر، دادو جي قومي اسمبلي ميمبر عرفان علي لغاري، ٺٽي جا شيرازي ڀائر شفقت حسين شاھھ شيرازي، رياض حسين شاھھ شيرازي، شاھھ حسين شاھھ ۽ سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو شامل ھئا. وڏي وزير جي ترجمان مطابق چونڊيل نمائدن امن ۽ امان جي گڏيل صورتحال، صحت جي سھولتن، ترقياتي رٿائن، ٻين عوامي مسئلن سميت سياسي ۽ سماجي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سمورن چونڊيل نمائدن کان سندن تڪن جا مسئلا ٻڌا ۽ انھن کي حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. وڏي وزير چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين انڊس ڊيلٽا جي تحفظ جي ڳالھھ ڪئي آھي. ھن چيو تھ سنڌ اسيمبلي مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف رٿ منظوري ڪري اسان پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي، اسان وفاقي حڪومت کان گھر ڪيون ٿا تھ سنڌ جي عوامي موقف تي عمل ڪرايو وڃي. وڏي وزير چونڊيل نمائدن کي پڪ ڏياري تھ عوامي مسئلن جي حل جي تسلسل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں