22

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي وفاق خاطري ڪرائي آهي:نثار کهڙو

ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت يقين ڏياريو  آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا  به ترميم نه پئي ڪئي وڃي ان لاءِ جي ڊي اي جي احتجاج جو هاڻي ڪو به فائدو ناهي. آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي . ان موقعي تي پي پي پي سنڌ اطلاعات جو سيڪريٽري عاجز ڌامراهه پڻ موجود هو. نثار کهڙو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ مان اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪرائي سنڌ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي گرين انيشئيٽو پاڪستان تحت پنجاب جي لکين ايڪڙ ايراضي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهڻ بابت سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍيا ويندا ته پوءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ان بابت وضاحت اچڻ گهرجي،هن چيو ته سنڌو درياهه تي سنڌ کي ڪو به لنڪ ڪئنال قبول ناهي ۽ سنڌ پاڻيءَ تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں