21

پاڪستان حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

لاهور : پنجاب حڪومت پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) کي لاهور ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ ان جو بظابطا اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ مينار پاڪستان بدران لاهور ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ جلسي جي اجازت ڏني ويندي.
ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ پوليس رپورٽس ۽ اسلام آباد جلسي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو .
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت تجويزن تي غور ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر لاهور پنجاب پوليس کان جلسي جي حوالي سان رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ صبح تحريڪِ انصاف جو جلسو روڪرائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي هئي ۽ حڪومت کي جلسي جي اجازت بابت شام پنجين وڳي تائين فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں