27

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سميت ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته عمر تنوير بٽ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس حملو ۽ ڀڃ ڊاهه تي آءِ نائن ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل راجا ظهورالحسن علي امين گنڊاپور جي حاضري کان معافي جي درخواست  عدالت ۾ جمع ڪرائي.

جج طاهر عباس سپرا چيو ته پوئين ڀيري 4 سيپٽمبر تي حاضري کان معافي جي درخواست ڏني هئي، 8 سيپٽمبر تي جلسي ۾ طبيعت صحيح ٿي وئي؟ عدالت پيش نه ٿيڻ تي علي امين گنڊاپور جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ اڳواڻن واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته عمر تنوير بٽ جي لاڳيتو غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت فيصل جاويد جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي حاضري کي يقيني بنايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں