81

تاحيات نااهلي نه ٿيندي، نه ئي باغي ميمبر جو ووٽ ڪاسٽ ٿيندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي منحرف ميمبرن بابت آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، پي ٽي آءِ جا ميمبر تاحيات نااهلي کان بچي ويا. فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فيصلو ٽن کان ٻن جي اڪثريت سان ٻڌايو ويندو. جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل اختلافي نوٽس لکيا جڏهن ته جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحق ۽ جسٽس منيب اختر اڪثريت راءِ ڏني. چيف جسٽس چيو ته صدارتي ريفرنس نمٽايو پيو وڃي، سوال آهي ته منحرف ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويو يا نه، آرٽيڪل 63 اي کي اڪيلو نٿو پڙهي سگهجي، آرٽيڪل 63 اي ۽ آرٽيڪل 17 سياسي پارٽين جي حقن جي تحفظ لاءِ آهن،سياسي پارٽين ۾ استحڪام لازمي آهي، يقيناً انحراف هڪ ڪينسر آهي، انحراف سياسي پارٽين کي غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پارلياماني جمهوريت کي ڊاهي پٽ ڪري سگهي ٿو، سياسي پارٽيون جمهوريت جو بنياد آهن، سياسي پارٽين جي حقن جو تحفظ ڪنهن به ميمبر جي حقن کان مٿانهون آهي، سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي وارو سوال واپس پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته نااهلي جو سوال به ريفرنس ۾ پڇيو ويو هو، انحراف تي نااهلي لاءِ قانون سازي جو اهو ئي مناسب وقت آهي، ريفرنس ۾ پڇيل چوٿون سوال واپس موڪليو وڃي ٿو، نااهلي جي مدت پارليامينٽ جو اختيار آهي. جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس جمال مندوخيل اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو، اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ ڏنل نتيجا ڪافي آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انحراف ڪندو ته ان جي سيٽ ڊي سيٽ ٿيڻ بعد خالي سمجهي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں