25

محرابپور ۾ تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت

ٺري ميرواهه: محراب پور ۾ تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ئي گھر جا ٽي ڀاتي فوت ھڪ معصوم ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو.

تيز رفتار ڪراچي ايڪسپريس جي ٽڪر لڳڻ سبب سليم جٽ، رضيه بي بي ۽ سندس ڌي ابھيا فوت ٿي وئي حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي ڪري لاشن کي ضروري ڪاروائي لاء محراب پور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار گھرڀاتي بھاول پور وڃڻ لاء ٽڪيٽون خريد ڪري پٽڙي ڪراس ڪري وڃي رھيا ھئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا جڏھن ته حادثي جو شڪار فوتين جو تعلق پيروسڻ شھر سان ٻڌايو پيو وڃي ٻئي طرف فوتين جا لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں