28

اسرائيل ۽ ڀارت طرفان انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن: صدر آصف زرداري

اسلام آباد:صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسرائيل جو غزه ۾ قتل عام ۽ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي امن  ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي.

عالمي يوم امن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ دنيا  جي مختلف  علائقن ۾ جغرافيائي سياسي ڇڪتاڻ  ۽ تڪرار سامهون اچي رهيا آهن، تڪرار عالمي امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن اسان سڀني کي عالمي امن، رواداري ۽ گڏيل تعاون جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻي آهي.

هن چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. اسرائيل هزارين ماڻهن جي غزه ۾ قتل عام سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مودي حڪومت والاريل جمون، ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم جو نشانو بنائي رهيو آهي. ڀارت مسلمانن جا بنيادي حق غضب ڪري رهيو آهي.

صدر چيو ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي امن، سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. دنيا جي ترجيح تڪرارن جي بجاءِ انسانيت کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل هجڻ گهرجي، غربت، بک، ناانصافي، ظم جهڙن مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته دنيا امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهي، جنگيون ۽ تڪرار ماڻهن لاءِ پريشانين ۾ اضافو ڪن ٿيون. اچو امن، رواداري ۽ انساني وقار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجن ارادن جو اظهار ڪريون. اسان سڀئي ملي هڪ پرامن مستقبل ۽ هڪ بهتر دنيا جوڙي سگهون ٿا. اسان اهڙي دنيا جوڙي سگهون ٿا جتي اسان جون ايندڙ نسلون امن سان گڏ رهي سگهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں