23

مهمند واري علائقي ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي پوليو وائرس جو شڪار، ڊي ايڇ او ۽ پوليو ڪوآرڊينيٽر معطل

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي مهمند جي تعلقي صافي مان پوليو جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

ڪي پي ڪي جي صحت کاتي موجب صافي جي 9 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، ٻارڙي کي صرف 2 ڀيرا پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا هئا.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪيس جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير  علي امين گنڊاپور لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ پوليو ڪوآرڊينيٽر کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻين سمورن ضلعن ۾ به پوليو کان بچاءُ واري مهم جي ڪوالٽي کي هر لحاذ سان يقيني بنايو وڃي.

ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي 18 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انگن اکرن موجب پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ گڏيل طور تي 56 لک 86 هزار ٻارن پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں